پنهواري 2

پنهواري: پني عاقل تعلقي جو هڪ شهر. هن شهر جو ذڪر سنڌ جي مستند تاريخن ۾ به آيو آهي. هتي سنڌو درياهه تي قديم پتڻ هو ۽ هتان ئي مغلن ٻيڙين جي پل ٺاهي، درياهه تان لشڪر ٽپايو ۽ بکر، چانڊڪا تي حملو ڪيو هو. پنهواريءَ کي ٽي دفعا درياهه پاتو علامه عبدالقادر انڍڙ جو مشهور مدرسو به هتي ئي هو ۽ مشهور شاعر عبدالقادر ”عبدي“ به پنهواريءَ جو رهندڙ هو. مجاهد خان جي لشڪر جو هتان گذرڻ جو واقعو تاريخن ۾ 1572ع لکيل آهي، جنهن مان هن شهر جي قدامت ظاهر ٿئي ٿي. ورهاڱي کان اڳي هي شهر وڏي اوج تي هو. اناج منڊي، صرافيه بازار، ڍڪ بازار جا نشان اڄ به موجود آهن ۽ ڳوٺ جون تمام ويڪريون گهٽيون هن شهر جي رونق جون ساکي آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو